خيبر پختونخواه بجيٽ؛ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 37 سيڪڙو اضافو

پشاور:خيبرپختونخواه جي نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، بجيٽ جو ڪل حجم هڪ هزار 118 ارب رپيا آهي، بجيٽ ۾ ڪل 233 اسڪيمون رکيون ويون آهن. ترقياتي بجيٽ لاءِ 371 ارب رپيا رکيا ويا آهن، تعليم لاءِ 206 ارب، صحت لاءِ 142 ارب ۽ مڪاني ادارن لاءِ 45 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جن ملازمن کي اسپيشل الائونس نٿو ملي تن جي پگهارن ۾ 37 سيڪڙو رڪارڊ اضافو ڪيو ويو آهي. 7 لک ننڍن آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ لينڊ ٽيڪس جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو آهي. 2500 سي سي کان گهٽ واريون گاڏيون رکندڙ هاڻي صرف هڪ رپئي ۾ گاڏين جي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا. صوبي ۾ پروفيشنل ٽيڪس پڻ مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔