اسلام آباد هائڪورٽ حملو ڪيس: وڪيلن جا معطل لائسنس بحال

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ حملي ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملوث وڪيلن خلاف شڪايتون بار ڪائونسلز کي موڪلڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته اسلام آباد بار ڪائونسل يا صوبائي بار ڪائونسل ۾ رجسٽرڊ وڪيلن خلاف شڪايتون موڪليون وڃن، شڪايتن سان گڏ شاهديون به موڪليون وڃن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڪيلن جي معطل لائسنسن کي پڻ بحال ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته وڪيل شعيب شاهين جي 90 ڏينهن ۾ شڪايت نه موڪلڻ تي مس ڪنڊڪٽ جي ڪارروائي، غير موثر ٿيڻ جي دليل درست ناهي.عدالت چيو ته اهڙا واقعا انفرادي وڪيلن طرفان ماضي ۾ منظرعام تي آيا آهن، ريگيوليٽرز پاران واقعي ۾ ملوث وڪيلن خلاف ڪارروائي جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔