ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙن لاءِ فليٽ سميت مختلف انعامن جو اعلان

بئنڪاڪ: ٿائيلينڊ، انڊونيشيا ۽ هانگ ڪانگ ويڪسين لڳرائيندڙن کي فليٽ سميت قيمتي انعامن جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب سموري دنيا ۾ تيزي سان ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جو سلسلو جاري آهي پر پروپيگندائن ۽ افواهن سبب ماڻهن جو هڪ وڏو انگ ويڪسين لڳرائڻ کان گهبرائي رهيو آهي. پنهنجي شهرين کي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جي لاءِ ٿائيلينڊ، انڊونيشيا ۽ هانگ ڪانگ لکين ڊالر ماليت جي انعامن جي آڇ ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ فليٽ به شامل آهي. هانگ ڪانگ ۾ پنهنجو گهر ٺاهڻ تمام گهڻو مشڪل آهي. ڇو ته اتي ننڍو فليٽ به 14 لک ڊالر ماليت جو آهي ۽ هڪ عام شهري کي فليٽ خريد ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي.سڄي دنيا ۾ هاڻ ڪورونا وائرس جي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي پر مختلف ملڪن کي خدشو آهي ته جيڪڏهن شهرين ويڪسين نه لڳرائي ته اها وبا ٻيهر پکڙجي سگهي ٿي. هانگ ڪانگ جي حڪومت شهرين کي ويڪسين لڳرائڻ جي صورت ۾ شاپنگ وائوچر، هوائي سفر ۽ 14 لک ڊالر ماليت جو فليٽ ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.اهڙي طرح ٿائيلينڊ چيانگ مائي جي هڪ ضلعي ۾ ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙن کي ڳئون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن کان پوءِ ماڻهن جو وڏو انگ ويڪسين لڳرائي رهيو آهي. انڊونيشيا به پنهنجي شهرين کي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جي صورت ۾ انعام جو اعلان ڪري رکيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔