انگلينڊ جو دورو: قومي ٽيم جي ڪيل ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا اچي ويا

لاهور: انگلينڊ جي دوري لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ قومي ٽيم جي ڪيل ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا اچي ويا آهن.پي سي بي موجب پاڪستان ۾ موجود قومي اسڪواڊ ۾ شامل سمورن ميمبرن جا پهرين ڪورونا ٽيسٽ جا نتيجا ناڪاري آيا آهن. قومي اسڪواڊ ۾ شامل ان سمورن ميمبرن جي پهرين ڪورونا 19 ٽيسٽ انهن جي گهرن ۾ ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ هاڻ هوٽل پهچڻ تي ان سمورن ماڻهن جي ٻئي ڪورونا 19 ٽيسٽ ڪئي ويندي.3 رانديگرن ۽ ٽيم مينجمينٽ ۾ شامل 8 ميمبر 29 جون تي لاهور جي مقامي هوٽل ۾ رپورٽ ڪندا جڏهن ته قومي اسڪواڊ 25 جون تي لاهور کان ابوظهبي برمنگهم پهچندو جتي برمنگهم کان ڊربي پهچڻ تي قومي اسڪواڊ 10 ڏينهن آئسوليشن ۾ رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔