محبوبه سان شادي لاءِ جعلي مسلمان بڻجندڙ هندو گهوٽ پڪڙجي پيو

ممبئي: هندستاني رياست اترپرديش ۾ هڪ هندو گهوٽ پنهنجي مسلمان محبوبه سان شادي ڪرڻ لاءِ سندس گهروارن سان ڪوڙ ڳالهايو، پر آخرڪار هن جو ڪوڙ پڪڙجي پيو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق ان جوڙي جي سوشل ميڊيا تي دوستي ٿي، جنهن کانپوءِ معاملو شادي تائين پهچي ويو، ڇوڪريءَ کي خبر هئي ته ڇوڪرو هندو آهي پر ٻنهي فيصلو ڪيو ته اها ڳالهه ڇوڪريءَ جي گهروارن کان راز رکي ويندي. رپورٽ مطابق اهو ڦاٽ تڏهن ڦاٽو جڏهن مسلمانن جي رواج موجب شادي جي رسمن وقت گهوٽ کي اردو ڳالهائيندي ٻڌو ويو، ڪجهه لفظ هو صحيح نه پئي ڳالهائي سگهيو، جنهن تي ڇوڪريءَ جي گهروارن کي شڪ پيو، سندس شناختي ڪارڊ چيڪ ڪيو ويو ته پتو پئجي ويو ته هو هندو آهي. ان موقعي تي ڪنواريتن گهوٽ کي دوستن سان گڏ فرار ٿيندي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔