رونالڊو جي معمولي حرڪت ۽ ڪوڪاڪولا کي 4 ارب ڊالرن جو نقصان

ڪراچي: دنيا جي مشهور فٽبالر اسٽار رونالڊو جي هڪ ننڍڙي حرڪت ڪوڪاڪولا ڪمپني کي 4 ارب ڊالرن جو نقصان ڏئي ڇڏيو. ٿيو هينئن جو هنگري خلاف هڪ گروپ ميچ کان اڳ ، رونالڊو پريس ڪانفرنس ۾ ، ڪوڪا ڪولا جي ٻن بوتلن کي پنهنجي اڳيان هٽائي پاسي ڪيو، پوءِ هن پاڻي جي بوتل مٿي کڻي پرتگالي لفظ ’اگوا‘ چيو جنهن جو مطلب آهي ‘پاڻي’. مطلب هو بظاهر ڪوڪاڪولا جي ڀيٽ ۾ پاڻي کي ترجيح ڏئي رهيو هو. ان پريس ڪانفرنس جي جيئن ئي ويڊيو منظرعام تي آئي ۽ پوري دنيا جا مداح ان تي تبصرو ڪرڻ ۾ مصروف هئا ته جلد ئي صورتحال ان وقت بدلجي وئي جڏهن معيشت کي رپورٽ ڪندڙ ميگزينن ڪوڪا ڪولا جي شيئرز ۾ گهٽتائي جي رپورٽ پيش ڪئي. ڪوڪا ڪولا جي شيئرز جي گهٽتائي جا جيڪي به سبب هجن پر صارفين هن کي دنيا جي امير ترين فٽبالر جي حرڪت سان ڳنڍي ڏسي رهيا آهن، جنهن ۾ ڪمپني کي مبينه طور 4 ارب ڊالرن جو نقصان پئجي ويو. ڪوڪاڪولا ڪمپني انهي معاملي تي ڪوبه تبصرو نه ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔