ڪينيڊا ۾ اسلامو فوبيا جو هڪ ٻيو واقعو، مسجد ۾ زبردستي گهڙندڙ عورت ۽ مرد گرفتار

اوٽاوا: ڪينيڊا ۾ اسلامو فوبيا جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ هڪ مرد ۽ عورت مسجد ۾ زبردستي گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ ڌماڪيدار مواد لڳائڻ سميت انتظاميا کي سنگين ڌمڪيون به ڏنيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو جي علائقي اسڪاربورو ۾ موجود اسلامڪ انسٽيٽيوٽ آف ٽورنٽو ۾ هڪ عورت ۽ مرد زبردستي گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ماڻهن فوري طور پوليس کي اطلاع ڏنو.
ميڊيا اکين ڏٺن شاهدن جي حوالي سان ٻڌايو ته اڪاربورو ايريا ۾ عورت ۽ مرد مسجد ۾ زبردستي گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڌماڪيدار مواد لڳائڻ جي به ڌمڪي ڏني، جنهن تي پوليس کي گهرايو ويو.
پوليس موجب ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهن وٽان ڪنهن به قسم جا هٿيار يا ڌماڪيدار مواد هٿ ناهي آيو، امڪاني طور ٻئي نشي ۾ ڌت هئا.
ٽورنٽو پوليس جوابدارن ۽ انهن جي ارادي بابت وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا.
واضح رهي ته گذريل هفتي ڪينيڊا ۾ هڪ شدت پسند مذهبي تعصب جي بنياد تي پاڪستاني خاندان تي ٽرڪ چاڙهي ڇڏي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔