ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو فاف ڊوپليسي پي ايس ايل کان ٻاهر

لاهور: پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي نمائندگي ڪندڙ ڏکڻ آفريقي اسٽار بيٽسمين فاف ڊوپليسي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ٽيم انتظاميا طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو بيٽسمين فاف ڊوپليسي اڄ رات ابو ظهبي کان واپس پنهنجي وطن روانو ٿي ويندو ۽ ايونٽ جون رهيل ميچون نه کيڏي سگهندو.
واضح رهي ته فاف ڊوپليسي فيلڊنگ دوران محمد حسنين سان ٽڪرائجي زخمي ٿي پيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔