سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفاني برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ڪٿي تيز برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ،خيرپور، نواب ولي محمد، ڳڙھي ياسين، ورڪشاپ، مبارڪپو، جھول، شاهپور چاڪر، کڏڙو، چونڊڪو، ڪوٽ لالو، مٺياڻي، ميان صاحب، نئون ڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي طوفاني ته ڪٿي هلڪي برسات سبب وڻ پٽجي ويا ۽ بجلي جو نظام ڊانوا ڊول ٿي ويو، : نواب ولي محمد ۽ ڀرپاسي مٽي جي طوفان کان پوءِ برسات پوڻ سان گرمي جو زور ٽٽي ويو، موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ علائقي مان بجلي غائب ٿي وئي، ڳڙھي ياسين ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به طوفاني ھوا سان گڏ تيز برسات شروع ٿيڻ سان گرمي جو زور ٽٽي ويو، ورڪشاپ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ سانوڻي جي مند جو پهريون وسڪارو پوڻ سان جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار بڻجي وئي، خيرپور شھر ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ ھوا سان گڏ تيز برسات پوڻ سان روڊن رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو، بجلي بند ٿي وئي، سنجهورو ۾ شديد گرمي کانپوءِ تيز هوا سان گڏ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، نارا تعلقي جي مختلف علائقن چونڊڪو، کينهواري،۔سائدو، سڪندر آباد، ناراگيٽ، تجل، ڪاٺوڙ۔ ۽ ڪوٽ جبو واري علائقن ۾ مٽي جي طوفان بعد برسات جاري آهي، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، ڪوٽ لالو ۾ تيز برسات سبب پاڻي شھر جي مختلف گهٽين ۽ روڊن رستن تي بيهجي ويو، ڄام صاحب شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز ھوا سان گڏ وسڪارو پوڻ سان موسم خوشگوار بڻجي وئي، ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ دڙي لنجواڻي ۾ طوفان سبب پورهيت علي مدد چاڪراڻي جي گھر مٿان بجلي جو پول ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڀلوڙ ٻڪر مري ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔