ايم پي اي فرخ شاهه جو پروڊڪشن آرڊر تحت جيل مان آزادي جو حڪم

سکر: ايم پي اي فرخ شاهه جو پروڊڪشن آرڊر تحت جيل مان آزادي جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي، سپرنٽنڊنٽ سينٽرل جيل پاران جاري ڪيل آرڊر بعد ايم پي اي فرخ شاهه سڀاڻي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. فرخ شاهه نيب ريفرنس ۾ حراست ۾ آهي، هو ٻن ڏينهن کان پيرول تي هو. خورشيد شاهه ۽ فرخ شاهه سميت 18 ماڻهن خلاف 1.23 ارب رپين جو ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، خورشيد شاهه 21 مهينن کان قيد ۾ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔