ڏيپلو ۾ تشدد ۽ تذليل واقعي جو ڪيس 11 جوابدارن خلاف داخل، گرفتاري نه ٿي

مٺي: ڏيپلو ٿاڻي تي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻيل پورهيت گل محمد هالو جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ ڪپڙن کان آجو ڪري تذليل. انسانيت سوز تشدد ڪرڻ. جهيڙي، رستا وڪ ۽ يرغمال بنائڻ ڄا قلم لڳايا ويا. ڪيس ۾ امين، دريا خان، ڍولو سميت 11 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو. ڏيپلو پوليس جوابدارن جي گرفتارين لاء ڪوبه جوڳو تحرڪ نه ورتو. ڊي ايس پي هارون سرائي جو چوڻ هو ته فريادي اسپتال ۾ زير علاج هو هاڻي ڪيس داخل ٿيو آھي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪبو، جوابدار واردات بعد گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن کين هر حالت ۾ گرفتار ڪيوويندو ۽ متاثرن کي تحفظ فراهم ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔