عورت پروفيسر کي هراسان ڪرڻ تي اڳوڻي پروفيسر کي قيد جي سزا

ڪراچي: ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي عدالت عورت پروفيسر کي هراسان ڪرڻ جو الزام ٿابت ٿيڻ تي اڳوڻي اسسٽنٽ پروفيسر فرحان ڪامراني کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت جوابدار کي 50 هزار ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. جوابدار فرحان ڪامراني هڪ عورت پروفيسر جي نالي سان جعلي فيس بوڪ اڪائونٽ ٺاهيو، ايف آءِ اي موجب جوابدار ان اڪائونٽ تي اعتراض جوڳيون تصويرون اپ لوڊ ڪيون هيون. جوابدار ڪراچي يونيورسٽي ۾ نفسيات جو استاد هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔