ويٽنام: عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب ڳورهاري عورت سميت 6 فوت

هنوئي : ويٽنام ۾ ٽن ماڙ عمارت ۾ باهه جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.
پوليس موجب فوتين ۾ هڪ ڳورهاري عورت ۽ ٻه ٻار به شامل آهن.
حادثو گذريل رات وينه سٽي ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن ماڻهو ننڊ پيا هئا.
رپورٽن موجب فائر فائٽرز جلد واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ انهن کي باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ ٻه ڪلاڪ لڳا.
اڃا تائين اها خبر ناهي پئجي سگهي ته باهه ڪيئن لڳي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔