اڪشي ڪمار معاوضو 30 ڪروڙ گهٽائي ڇڏيو

ممبئي: بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار معاوضو 30 ڪروڙ گهٽائي ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب فلم بيل بوٽم جي پروڊيوسر واشو ڀگناڻي اداڪار اڪشي ڪمار کي معاوضو گهٽائڻ جي درخواست ڪئي هئي، اداڪار سندس اها درخواست قبول ڪري ورتي آهي ان حوالي سان اڪشي ڪمار چيو آهي ته ڪورونا سبب مون پنهنجو معاوضوگهٽائي ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته اڪشي ڪمار فلم بيل بوٽم جو معاوضو 117 ڪروڙ وٺندو ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ هن فلم جو معاوضو 117 ڪروڙ مان وڌائي 135 ڪروڙ ڪري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔