ميرا جو وزيراعظم سان گڏجي قبضا مافيا خلاف وڙهڻ جو اعلان

لاهور: اداڪارا ميرا چيو آهي ته قبضا مافيا ڪروڙن جي ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ منهنجي ماءُ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي وقت سر ڪارروائي سان منهنجي ماءُ جي زندگي بچي وئي.
لاهور پريس ڪلب ۾ ماءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ميرا چيو ته مان سي سي پي او لاهور جي ٿورائتي آهيان، منهنجي ماءُ جي ملڪيت تي قبضو ٿيڻ وارو هو، جنهن کي پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو، پوليس وقت تي ڪارروائي نه ڪري ها ته منهنجي ماءُ کي قتل ڪيو وڃي ها.
هن روئيندي چيو ته 5 ايف آءِ آرز داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار ناهن ڪيا ويا، گهرو وزير شيخ رشيد کي درخواست آهي ته جوابدار شاهد محمود جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي ۽ منهنجي گهر ڀاتين کي تحفظ ڏنو وڃي.
سندس چوڻ هو ته مان ”ميرا“ آهيان، تنهن ڪري منهنجي پراپرٽي تي قبضو نٿو ٿي سگهي پر وزيراعظم سان گڏجي قبضا مافيا خلاف وڙهنديس، هاڻ پاڪستان جي نظام کي شفاف بڻائڻ لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏينديس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔