پي ايس ايل: ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز لاهور قلندرز کي شڪست ڏئي ڇڏي

ابوظهبي : پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ٽيم لاهور قلندرز کي 18 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ابوظهبي ۾ کيڏيل ليگ جي 23هين ميچ ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهيون.
جيڪ ويدرالڊ 48، ڪپتان سرفراز احمد 34 ۽ اعظم خان 33 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
لاهور پاران جيمز فالڪنر 3، محمد حفيظ ۽ راشد خان 1-1 وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ لاهور قلندرز جي ٽيم 18 اوورن ۾ 140 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ٽم ڊيوڊ 46 رنسون ٺاهي سڀ کان ٽاپ اسڪورر رهيو.
ڪوئيٽا طرفان عثمان شنواري ۽ خرم شهزاد 3-3، محمد حسنين ۽ محمد نواز 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔