بسمه خان ٽوڪيو اولمپڪس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي

لاهور: انٽرنيشنل سوئمر بسمه خان ٽوڪيو اولمپڪس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي بسمه خان چيو ته مون کي ياد آهي ته جڏهن مان ساڍن ٽن سالن جي هئس والد ۽ ڀيڻ ڀائرن سان ٽريننگ جي لاءِ ويندي هئس ته مون سوئمنگ ڪرڻ شروع ڪئي هئي.هن چيو ته مان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته مان اولمپڪس ۾ ويندس هاڻ جڏهن مان ٽوڪيو اولمپڪس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي آهيان هن وقت منهنجا جيڪي احساس آهن اهي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهان. بسمه خان چيو ته مون کي سوئمنگ جو شوق ننڍپڻ کان هو ان لاءِ وقت سان گڏوگڏ اهو شوق وڌندو ويو. وڏي ٿيس ته ڏٺو ته ڀيڻ ڪرن خان ڪافي ميڊل کٽيا آهن ۽ انٽرنيشنل مقابلن ۾ به وئي آهي. بس ان کان پوءِ منهنجو مقصد ئي اهو هو ته هاڻ مون کي ڀيڻ کان به وڌيڪ ميڊلز کٽڻا آهن.واضح رهي ته بسمه خان ايشين گيمز ڪامن ويلٿ گيمز سائوٿ ايشين گيمز ۽ اسلامڪ ساليڊيريني گيمز سميت ڪيترن ئي عالمي مقابلن ۾ حصو وٺي چڪي آهي. هو تازو ئي روس مان واپس ملڪ پهتي آهي ۽ هن روس ۾ هڪ سال ٽريننگ حاصل ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔