افغانستان ۾ هٿياربندن جي حملي دوران چار پوليو ورڪرز مارجي ويا، ٽي زخمي

ڪابل: افغانستان جي شهر جلال آباد ۾ مختلف هنڌن تي هٿياربندن فائرنگ ڪري 4 پوليو ورڪرز کي قتل ۽ 3 کي زخمي ڪري ڇڏيو.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ پوليو مهم جي شروعات گذريل ڏينهن کان ٿي هئي پر اڄ ٻئي ڏينهن جلال آباد ۾ ٽن هنڌن تي هٿياربندن پوليو ورڪرز جي ٽيمن مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني. ننگرهار ۾ پوليو مهم جي انچارج ڊاڪٽر جان محمد صحافين کي ٻڌايو ته جلال آباد ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ سبب گڏيل طور تي 4 پوليو ورڪرز مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙ مرد اهلڪار هئا. هلندڙ سال مارچ ۾ جلال آباد ۾ ئي هٿياربندن 3 عورت پوليو ورڪرز کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ پوليو مهم معطل ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ هاڻ ان کي ٻيهر شروع ڪيو ويو هو.افغانستان مان طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ امن معاهدي جي تحت دير سان ئي صحيح پر پرڏيهي فوجين جي نڪرڻ جي شروعات ٿي وئي آهي. جڏهن ته طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ دوحه ۾ ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کان سواءِ ختم ٿي ويون پر امن امان جي صورتحال اڃان به خراب آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔