سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو بجيٽ خلاف احتجاج، گوڙ

ڪراچي : سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو بجيٽ خلاف احتجاج، گوڙ، گڏيل اپوزيشن پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران شديد احتجاج ڪيو ويو، اپوزيشن اڳواڻ ريلي جي صورت ۾ اسيمبلي گيٽ تي پھتا، اپوزيشن ميمبرز پاران سنڌ سرڪار خلاف احتجاج ڪيو ويو، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي تقرير دوران گوڙ ڪيو ويو، اپوزيشن ميمبرز جي گوڙ ۽ احتجاج بعد پيپلزپارٽي جا ميمبرز وڏي وزير مراد علي شاھ جي چوڌاري بيھي رھيا، وڏو وزير مراد علي شاھ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي گوڙ باوجود بجيٽ پيش ڪري رھيو آھي، اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ جو چوڻ آھي تھ ھي بجيٽ بھ اومني جو منشي پيش ڪندو، يونس ميمڻ کي نوازڻ لاءِ بجيٽ پڙھي پئي وڃي، ھي بجيٽ صرف انگ اکرن جي ھير ڦير آھي. ڪنور نويد جميل پڻ حڪومت تي تنقيد ڪئي ۽ چيو تھ ھي بجيٽ منظور نھ آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔