سنڌ بجيٽ 2021-22 جا اهم نقطا

ڪراچي: ايندڙ مالي سال جي سنڌ بجيٽ جو ڪل حجم 1477.903 ارب رپيا آهي، مالی سال 22-2021 لاءِ صوبائي بجيٽ ۾ 19.1 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، بجيٽ خسارو 25.738 ارب رپيا آهي. ايندڙ مالي سال لاءِ وصولين جو ڪاٿو 1452.168 ارب رپيا آهي، جن مان صوبي جون پنهنجون وصوليون 329.319 ارب رپيا آهن. جاري خرچن جو ڪاٿو 1089.372 ارب رپيا آهي، ترقياتي خرچ 329.033 ارب رپيا، جنهن ۾ هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ 41.3 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. اي ڊي پي لاءِ 222.500 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ضلعي اي ڊي پي لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهنئ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17500 رپين مان وڌائي 25000 رپيا ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔