نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي بجلي مهانگي ڪرڻ وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي بجلي مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي وارن لاءِ ماهوا ۽ ڇهه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ تي فيصلو ملتوي ڪيو ويو آهي. ڪي اليڪٽرڪ بجلي 6 روپيه 31 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. ماهوار ايڊجسٽمينٽس جي مد ۾ بجلي 5 روپيه 95 پئسا ۽ ڇهه ماهي ايڊجسٽمينٽ لاءِ 36 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

نيپرا جي چيئرمين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته اهو وزن وڌيڪ آهي ان سان صارفين متاثر ٿيندا. مئي ۽ جون جي فيول ايڊجسمينٽ جون درخواستون به جمع ڪرايو. مئي جون جي ايڊجسٽمينٽس سان صارفين تي وزن گهٽ پوندو. هن چيو ته جولاءِ ۾ ٻيهر ٻڌڻي ٿيندي جنهن ۾ حتمي فيصلو ڪنداسين.

ڪي اليڪٽرڪ جنوري کان مارچ 2021 جي ماهوار ايڊجسٽمنٽس لاءِ بجلي 5 روپيه 95 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔