سنڌ ۾ ڊرائيونگ لائسنس لاءِ ڪورونا ويڪسين لازمي قرار

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ڊرائيونگ لائسنس کي ڪورونا ويڪسينيشن سان مشروط ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا تي صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته هفتي ۾ 2 ڏينهن بندش بدران اين سي او سي موجب هڪ ڏينهن واپار بند ڪيو ويندو ۽ هاڻ رڳو آچر تي واپار بند رهندو جڏهن ته باقي ڏينهن واپاري سرگرميون جاري رهن.
ان موقعي تي وڏي وزير ايڪسپو سينٽر تي بنا ويڪسين سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي خبر جو نوٽيس ورتو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪورونا جي خلاف جاري ڪنهن ڪم ۾ ڪرپشن يا نااهلي برداشت نه ڪنداسين.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڊرائيونگ لائسنس لاءِ ڪورونا ويڪسين لازمي قرار ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔