بحريا واقعي جا تفصيل 14 جون تي ڪراچي ۾ پڌرا ڪنداسين: سنڌ ايڪشن ڪميٽي

ڄامشورو : سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته بحريا واقعي جا تفصيل 14 جون تي ڪراچي ۾ پڌرا ڪنداسين، سنڌ ۾ پ پ وارا سنڌي ۽ مهاجر فساد ڪرائڻ چاهين ٿا. ڄامشورو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه جلاج محمود شاهه چيو ته 15 جون تي قيادت گڏيل طور تي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ٿيندي، 20 ,21 ,22 تي گهاري کان ٽنڊو محمد خان تائين عوامي جلسا ڪيا ويندا. ان موقعي تي جسم سربراهه رياض چانڊئي چيو ته بحريا جي اندر باھ جا حڪمران, ملڪ رياض ۽ سندن ساٿي ذميوار آهن، حڪمران هاڻي پريشاني ۾ آهن، لکين ماڻهن جي موجودگي ۾ هزارين ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌي قوم جي نمائنده تنظيم بڻجي چڪي آهي، ان کي ڪير به ٽوڙي نٿو سگهي، بحريه ۾ ڳٺ جوڙ ڪري باهه ڏني وئي پر هاڻي اهي پڌرا ٿي چڪا آهن، هن چيو ته صنعان خان قريشي جي گرفتاري، ان جي گهر تي ٻيهر چڙهائي ۽ گرفتارين جي مذمت ڪيون ٿا، سياسي اسيرن کي فورن آزاد ڪيو وڃي. عوامي تحريڪ جي رسول بخش خاصخيلي چيو ته حڪومت لساني جهيڙا ڪرائڻ چاهي ٿي، ان ۾ ملڪ رياض ۽ ان جا ساٿاري ذميوار آهن. اجلاس ۾ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، جسم چيئرمين رياض چانڊيو، رسول بخش خاصخيلي، نواز خان زئور، زين شاهه اسلم خيرپوري سوڌو ٻيا شريڪ ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔