مني بجيٽ نه آڻينداسين: موبائل ڪالز، ڊيٽا ۽ ايس ايم ايس تي ٽيڪس تجويز واپس ورتي وئي

اسلام آباد: وفاقي سرڪار موبائيل ڪالز، انٽرنيٽ ڊيٽا ۽ ايس ايم ايس تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جو اعلان واپس وٺي ڇڏيو، فِي ايس ايم ايس تي 10 پئسا ۽ انٽرنيٽ ڊيٽا ۾ في جِي بِي استعمال تي 5 رُپيا ٽئڪس لڳايو ويندو، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلن پيون ته ٽئڪس مٿان ٽئڪس نه لڳايو ويندو، ٽئڪس نه ڏيندڙ ماڻهن کي ٽئڪس ۾ آندو ويندو، غريب هارين کي هڪ فصل تي ڏيڍ لک رُپيا بنا وياج جي قرض ڏنو ويندو، شهري علائقي ۾ هڪ گهر جي هڪ فِرد تي ڪاروبار کولڻ لاءِ 5 لک رُپيا بنا وياج جي قرض ڏنو ويندو، هاڻي ترقي مستحڪم ڪرڻي آهي، معاشي ترقي لاءِ ايڪسپورٽ وڌائي ڊالرز ڪمائڻا پوندا، 11 سيڪڙو روينيو اوڳاڙي ڪافي ناهي، روينيو اوڳاڙي 20 سيڪڙو تائين آندي ته وفاق ۽ صوبا قرض وٺڻ بنا پنهنجي ترقي تي خرچ ڪري سگهندا، تمباڪو سوڌو 4 شعبن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام آڻي رهيا آهيون..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔