روس پاڪستاني چانور جي خريداري تان پابندي کڻي ڇڏي

اسلام آباد: روس پاڪستاني چانور جي درآمد تان پابندي کڻي ڇڏي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت وفاقي وزير فخر امام چيو ته پاڪستاني چانور جي درآمد تي پابندي 2 سال اڳ معيار ۾ فرق سبب لڳائي وئي هئي، روسي مارڪيٽ ۾ پاڪستاني چانور جي اڍائي ملين ٽن جي مارڪيٽ آهي ۽ پاڪستان 140 ملڪن کي چانور برآمد ڪري رهيو آهي.
هوڏانهن واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود ٽوئيٽر تي ٻڌايو ته شروعاتي طور روس 4 فرمز کي اجازت ڏني آهي ۽ روسي اختيارين جي معائني کانپوءِ وڌيڪ ڪمپنين کي اجازت ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔