شعيب اختر به سلمان خان جو مداح نڪتو

اسلام آباد: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو اسپيڊ اسٽار شعيب اختر به بالي ووڊ دبنگ اداڪار سلمان خان جو مداح نڪتو.
شعيب اختر پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي مداحن لاءِ سوالن جوابن جو هڪ سيشن رکيو، جنهن ۾ سڄي دنيا ۾ موجود شعيب اختر جي مداحن کانئس سوال ڪيا.
ان دوران هڪ مداح شعيب اختر کان پڇيو ته ڀارت ۾ توهان جو پسنديده اداڪار ڪير آهي؟ جنهن جي جواب ۾ اڳوڻي فاسٽ بالر سلمان خان جي فلم جي هڪ منظر جي تصوير جاري ڪئي.
شعيب اختر تصوير سان گڏ لکيو ته ڀارت ۾ سلمان خان منهنجو پسنديده اداڪار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔