ڏوڪري: دادو ڪئنال ٽاٽڙي ريگيوليٽر تي پاڻي جي کوٽ آبادگار پريشان، زمينون بنجر

ڏوڪري: دادو ڪئنال ٽاٽڙي ريگيوليٽر تي پاڻي جي کوٽ آبادگار پريشان زمينون بنجر بڻجي ويون.
ڏوڪري تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب آبادگار ۽ زميندار پريشان ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ٻيجارا جيڪي ٽيوب ويل ذريعي تيار ڪيا ويا، اھي پاڻي وقت سر ن اچڻ جي ڪري سڙڻ خراب ٿيڻ جو خطرو وڏي ويو آهي.
ان سلسلي ۾ آبادگارن نياز علي ٻٽ، اياز حسين ڪسر، امام بخش ساريو، مدد چنو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته پاڻي وقت سر ن ملڻ جي ڪري فصل جو تمام گھڻو نقصان ٿيندو ۽ ھاري زميندار ھن وقت سخت پريشان آھن، جون مهينو هلي رهيو آهي پر پاڻي نه اهي، جنهن ڪري پريشان اهيون.
هنن وس وارن آبپاشي جي منسٽرآبپاشي کاتي جي عملدارن کان گهر ڪئي آهي ته ٽاٽڙي ريگيوليٽر تي پاڻي ڏيئي هزارين زمينون بنجر ٿيڻ کان بچايو وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔