فردوس عاشق اعواڻ ۽ قادر مندو خيل جهيڙي جي قومي اسيمبلي ۾ گونج

اسلام آباد: پ پ ايم اين اي قادر خان مندو خيل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن فردوس عاشق اعواڻ جهڙو رويو اختيار ڪيو پوري ايوان جو سر شرم سان جهڪي ويو، هي عمران خان جي تربيت آهي جو هڪ چونڊيل نمائيندي تي حملو ڪيو ويو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ ايم اين اي علي محمد خان کيس جواب ڏيندي چيو ته اسان سڀني کي ۽ پوري ايوان کي افسوس آهي، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ذاتي فعل ڪيو آهي ته مان ان کي زرداري صاحب جي ٽريننگ نه چوندس، توهان هر ڳالهه تي عمران خان صاحب تي ڇو ٿا الزام مڙهو، ساسي ڳالهه ڪيو ٿا ته پوءِ گار نه ڏيڻ گهرجي، ان ڏينهن به پي پي ميمبر ايوان ۾ مراد سعيد کي گاريون ڏنيون، مان بلاول، آصف زرداري، بينظير ڀٽو جو نالو نه کنيو، عمران خان جو قصور هي آهي ته هن اسٽيس ڪو کي چيلينيج ڪيو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔