نوشهروفيروز: شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ انعام جي سفارش

نوشهروفيروز: شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ انعام جي سفارش، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد عرفان بلوچ صحافي عزيز ميمڻ جي جي مک قاتلن مشتاق ۽ افشاد سهتو جي گرفتاري لاءِ 10. 10 لک روپيا انعام رکڻ لاءِآجي سنڌ کي خط لکي ڇڏيو، ڊي آء جي عرفان بلوچ خط ۾ لکيو آهي ته شهيد عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس هاءِ پروفائيل ڪيس آهي ان ڪري ٻنهي روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ انعام رکيو وڃي ته جيئين جلد گرفتار ٿي سگهن ۽ شهيد عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔