ڪورونا وبا وڌيڪ 76 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون،1000 کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: گذريل 24 ڪلاڪن دوران سموري ملڪ ۾ هڪ هزار 303 ڄڻا ڪورونا وبا جو شڪار جڏهن ته 76 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

اين سي او سي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سموري ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1303 مريض هن وبا جو شڪار جڏهن ته 76 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ملڪ ۾ گذريل ڏينهن 41 هزار 924 ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته 1 هزار 978  ڄڻا صحتياب به ٿيا.

ملڪ ۾ ڪورونا سبب ڳڻتي جوڳن ڪيسز جو انگ 2 هزار 967 آهي. جڏهن ته اڃان تائين 7 لک 71 هزار 669 ڄڻا صحتياب ٿيا.  جڏهن ته سموري ملڪ ۾ فوتين جو انگ 21 هزار 529 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 9 لک 37 هزار 434 ٿي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔