قومي اسيمبلي ۾ قانون سازي: حڪومت پاران اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو سلسلو جاري

اسلام آباد: حڪومت طرفان قانون سازي جي لاءِ اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس هڪ ڏينهن جي وقفي کان پوءِ اڄ ٻيهر ٿيندو. اجلاس شام 4 وڳي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيندو. اجلاس جو 8 صفحن تي ٻڌل 80 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته اڄوڪي اجلاس ۾ اهم قانون سازي ڪئي ويندي. حڪومت قانون سازي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ميمبرن کي ايوان ۾ حاضر ٿيڻ جي تاڪيد ڪري ڇڏي آهي. ڇو ته عين وقت تي ڊگهي ايجنڊا جاري ٿيڻ تي اپوزيشن طرفان به احتجاج جو امڪان آهي. ان لاءِ حڪومت طرفان اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ايجنڊا ۾ پيپلز پارٽي طرفان آدمشماري جي حوالي سان حڪومتي فيصلي تي ڌيان ڇڪرايو نوٽيس به ايجنڊا تي موجود آهي. پورٽ قاسم اٿارٽي، گوادر پورٽ، پاڪستان شپنگ ڪارپوريشن ۽ چونڊ ترميمي بل به ايجنڊا ۾ شامل آهي. هيلٿ پروفيشنلز ڪائونسل بل، پاڪستان نرسنگ ڪائونسل ترميمي بل ۽ ميچوئل ليگل اسسٽنٽس ترميمي بل به ايجنڊا جو حصو آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته اڄوڪي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت جو به امڪان آهي. جڏهن ته اڄ پارليامينٽ ۾ بجيٽ تي گڏيل حڪمت عملي جي لاءِ ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات جو به امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔