ٽيڪس وصولين جي حدف ۾ وڌيڪ 26 ارب روپين جي گهٽتائي

اسلام آباد: حڪومت ٽيڪس وصولين جو حدف 4717 ارب روپين مان گهٽ ڪري 4691 ارب روپيه مقرر ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال 2020-21 لاءِ مقرر ڪيل ٽيڪس وصولين جي حدف تي ٻيهر نظرثاني ڪندي وڌيڪ 26 ارب روپين جي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي ۽ ٽيڪس وصولين جو حدف 4717 ارب روپين مان گهٽ ڪري 4691 ارب روپيه مقرر ڪيو ويو آهي. ايف بي آر اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪوشش ڪئي ويندي ته هلندڙ مالي سال جي اختتام تي ٽيڪس وصوليون 4700 ارب روپين کان مٿي ٿي وڃن.

هلندڙ مالي سال لاءِ انڪم ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي جي مد ۾ وصولين جي حدف ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ سيلز  ٽيڪس ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ وصولين جو حدف وڌايو ويو آهي. ورڪرز پرافٽ ڀائيواري فنڊ ۽ ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس جي مد ۾ وصولين جي حدف ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ايف بي آر هلندڙ مالي سال 2020-21 ۾ ٽيڪس وصولين جو حدف 4963 ارب روپيه مقرر ڪيو هو پر ٻيهر نظرثاني ڪندي 246 ارب روپين جي گهٽتائي سان گڏ 4717 ارب روپيه ڪيو ويو هو جنهن ۾ هاڻ وڌيڪ 26 ارب روپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

انڪم ٽيڪس وصولين جو حدف 2032.56 ارب روپين مان گهٽ ڪري 1779.92 ارب روپيه ڪيو ويو آهي. سيلز ٽيڪس وصولين جو حدف 1919 ارب روپين مان وڌائي 1927 ارب روپيه ڪيو ويو آهي. ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ وصولين جو حدف 361 ارب روپين مان گهٽ ڪري 275 ارب روپيه ۽ ڪسٽمز ڊيوٽي جي مد ۾ وصولين جو حدف 640 ارب روپين مان وڌائي 700 ارب روپيه ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔