پنجاب ۾ ڊينگي وائرس سبب 3 ڄڻا فوت

لاهور: پنجاب ۾ ڊينگي وائرس سبب 3 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.
صوبائي صحت کاتي موجب گوجرانوالا، فيصل آباد ۽ وهاڙي ۾ ڊينگي جا مريض فوت ٿيا، جنهن کانپوءِ ڊينگي روڪ ڪارروائيون تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
صحت کاتي ٻڌايو ته صوبي ۾ ڊينگي وائرس جي شڪار مريضن جو انگ 49 ٿي ويو آهي، سڀ کان وڌيڪ بهاولپور ۾ 17 مريض علاج هيٺ آهن، جڏهن ته لاهور ۾ 9، قصور ۾ 6 مريضن جو علاج هلندڙ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔