جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش، ٻن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي: سنڌي وسندين تي قبضي خلاف بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻي بعد گرفتار ڪيل جسقم چيئرمين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صنعان قريشي جو ٻن ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران صنعان قريشي عدالت آڏو چيو ته اسان حراست ۾ تشدد خلاف دانهين رهيا آهيون، پوءِ به اُنهن جي حوالي ڪيو وڃي ٿو، تشدد بابت جج جي سوال تي صنعان قريشي چيو ته اکيون بند ڪري تشدد ڪيو ويو هو، ڌرڻي بعد بسز مان لاهي گرفتار ڪيل قومي ڪارڪن 120 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي ڪيوويو، ملير ڪينٽ جي پوليس بڪتر بند گاڏي ذريعي جسقم چيئرمين کي عدالت پهچايو، پوليس بڪتر بند گاڏي ۾ ئي صنعان قريشي ۽ سندس ڀاءُ قوسين قريشي ملاقات ڪرائي، ملاقات دوران بڪتر بند گاڏي جو در بند ڪيو ويو، بڪتربند گاڏي ۾ صنعان قريشي کي ننڍي ڀاءُ پيار منجهان مِٺي ڏني، وڪيلن ۽ ڪارڪنن طرفان صنعان قريشي جي نعريبازي سان آجيان، مٿس گُل به نڇاور ڪيا ويا، عدالت مان واپسي تي بڪر بند گاڏي ۾ ويهڻ دوران صنعان قريشي هٿ لوڏي ڪارڪنن کي جواب ڏنو، وڪٽري جو نشان به ڏيکاريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔