سنڌ کي ترقياتي بجيٽ جو ڀرپور حصو ملي رهيو آهي: اسد عمر

اسلام آباد: رٿابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ کي ترقياتي بجيٽ جو ڀرپور حصو ملي رهيو آهي، هن وقت سنڌ ۾ 90 ارب رپين جا منصوبا جاري آهن.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ڪالهه 3 شڪايتون ڪيون، سنڌ حڪومت صوبي ۾ هڪ انچ موٽر وي جو نه ٺاهيو، اسان اتي نالا صاف ڪري رهيا آهيون، ڪچرو کڻي رهيا آهيون، گهٽيون ۽ ناليون ٺهي رهيون آهن، جيڪا صوبي جي ذميواري هئي.
هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جا 25 ارب رپين جا منصوبا ٺهي رهيا آهن، وفاق سنڌ جي عوام لاءِ ڪم ڪندو آهي حڪومت لاءِ نه، سنڌ جي عوام ۽ سنڌ حڪومت کي هڪ نه سمجهيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته مالي سال 22-2021 ۾ ترقياتي رٿائن لاءِ مجموعي طور 2.1 کرب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جا منصوبا شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔