فرانس جي صدر کي هڪ شهري چماٽ وهائي ڪڍي

پيرس: فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪخواڻ کي ڏکڻ اوڀر فرانس جي سرڪاري دوري دوران هڪ شهري پاران چماٽ هنئي وئي. سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته صدر ميڪخوان ويلانس شهر جي علائقي ۾ موجود هو، جڏهن سندس پاران شهرين کي روڪڻ لاءِ لڳل رڪاوٽ ڀرسان وڃڻ ٿيو ته واقعو پيش آيو. سائي رنگ جي شرٽ پهريل هڪ شهري صدر ميڪخوان کي اوچتو چماٽ وهائي ڪڍي، جنهن بعد فوري طور سيڪيورٽي اهلڪار پهچي ويا ۽ صدر کي واپس ڇڪي ورتو. فرانس ۾ مقامي ميڊيا موجب ، واقعي کان پوءِ ٻن شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جاچ ڪري رهيا آهن، اڃان اهو واضع نه ٿي سگهيو آهي ته چماٽ هڻڻ جو مقصد ڇا هو. واقعي کان پوءِ ، فرانسيسي وزير اعظم جين ڪوسٽڪ قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته جمهوريت جو مطلب بحث ۽ جائز اختلاف آهي ، پر ان جو مطلب تشدد ، لفظي جارحيت يا جسماني حملو ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔