وڏي وزير مراد علي شاهه تي نوري آباد پاور پلانٽ ڪرپشن ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: احتساب عدالت ۾جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ۽ نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، احتساب عدالت پاران وڏي وزير مراد علي شاهه تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، ان سلسلي ۾ عدالت نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 30 جون جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، عدالت ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه پيش نه ٿيو، هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرائي وئي، عدالت شريڪ جوابدار محمد علي کي اشتهاري قرار ڏئي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔