سنڌ پوليس اندر ڪرپشن روڪڻ لاءِ انٽرنل اڪائونٽيبلٽي برانچ قائم

ڪراچي: سنڌ پوليس ۾ انٽرنل اڪائونٽيبلٽي برانچ قائم، برانچ جو ايڊيشنل آءِ جي فرحت جوڻيجو هوندو، برانچ ۾ 18 پوليس آفيسر به شامل، جيڪي انڪوائرين جي جاچ ڪندا. آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايڊيشنل آءِ جي فرحت جوڻيجو انٽرنل اڪائونٽيبلٽي برانچ جو سربراهه هوندو، انهي برانچ ۾ ڊي آءِ جي ذوالفقار لاڙڪ، عمران يعقوب، نعمان صديقي، ايس ايس پي تنوير عالم، فيصل عبدالله چاچڙ، قمر رضا جسڪاڻي، شاد ابن مسيح، غلام سرور ڀيو، امجد شيخ، تنوير تنيو، عارف اسلم رائو، عامر سدوزوئي، ايس پي سهائي عزيز، زاهده پروين، اي ايس پي احمد فيصل، علينه راڄپر، ڊي ايس پي مقصود اختر ۽ انسپيڪٽر سراج لاشاري شامل هوندا. انٽرنل اڪائونٽيبلٽي برانچ سنڌ پوليس جي واحد برانچ آهي، جيڪا پوليس ڊپارٽمينٽ اندر ٿيندڙ ڪرپشن ۽ بدعنوانين جي روڪٿام لاءِ جوڙي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔