سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 722 نوان ڪيس ظاهر، 11 مريض فوت

ڪراچي: گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ ۾ ڪورونا جا 13536 نمونا چڪاسيا ويا جن مان وڌيڪ 722 نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 11 مريض فوت ٿيا، اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ 5116 تي پهچي چڪو آهي. سنڌ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب اڄ وڌيڪ 747 مريض وبا مان صحتياب ٿيا، اهري ريت صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 294،257 ٿي چڪو آھي. هن وقت 23682 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 22741 مريضن جو علاج گهر ۾ ، 25 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 916 مختلف اسپتالن ۾ ڪيو پيو وڃي. 859 مريضن جي حالت نازڪ جڏهن ته 81 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔