ارسا پاران نيٺ 91ع ٺاهه تحت پاڻي جي ورڇ، سنڌ جي حصي ۾ 5 هزار ڪيوسڪ واڌ

اسلام آباد: ارسا پاران پاڻي جص روتحال بابت اجلاس ۾ پاڻي ذخيرن جو جائزو ورتو ويو ۽ وڏي عرصي کانپوءِ پاڻي جي ورڇ ٽه رخي فارمولي بدران 91ع جي پاڻي موجب ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ارسا ترجمان موجب اسڪردو ۾ گرمي پد 31 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال هن ڏينهن تي 22 ڊگري هو. بهتر گرمي پد سبب اڄ درياهن ۾ پاڻي جي آمد 290،000 ڪيوسڪ آهي جيڪا ڪالهه کان 19،500 ڪيوسڪ وڌيڪ آهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 3 فوٽ وڌي وئي، جڏهن ته منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي ليول تقريبن 2 فوٽ تائين وڌي وئي آهي. ڊيمن ۾ پاڻي جي مجموعي مقدار ۾ هڪ لک 11 هزار ايڪڙ فوٽ جو اضافو ٿيو. پاڻي جي ورڇ 91ع واري معاهدي جي آرٽيڪل 2 جي تحت ڪئي وئي، سنڌ جي حصي ۾ 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي واڌ ڪئي وئي، سنڌ جو مجموعي حصو هڪ لک پندرهن هزار ڪيوسڪ کان وڌي هڪ لک 20 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو. پنجاب جو مجموعي حصو هڪ لک 7 هزار ڪيوسڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔