سنڌ جي وڏي وزير جو ترقياتي منصوبن ۾ ناانصافي تي وفاق کي خط

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير، وزيراعظم کي خط لکي ترقياتي منصوبن ۾ ناانصافي تي احتجاج ڪيو آهي. وڏي وزير خط ۾ لکيو آهي ته وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ سنڌ جو اسڪيمون نه هئڻ جي برابر آهن، سنڌ کي وفاق جو حصو سمجھي برابري جي بنياد تي منصوبا ڏنا وڃن، هن وڌيڪ لکيو ته 4 سالن دوران سنڌ جون ترقياتي اسڪيمون لاڳيتو گھٽجنديون پيون وڃن، وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ سنڌ سان ناانصافي ۽ ظلم ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔