بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي تي ڪڏهن به ڌيان نه ڏنو ويو : وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان افسوس جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان انهن ملڪن جي لسٽ ۾ شامل آهي جتي ماحولياتي تبديلي تي ڪڏهن به ڌيان نه ڏنو ويو .

اسلام آباد ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ عالمي ماحوليات جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي حڪومت اچڻ کان اڳ تائين پاڪستان جي تاريخ ۾ رڳو 64 ڪروڙ وڻ لڳايا ويا .

هن چيو ته جڏهن اسان جي خيبر پختونخواه ۾ حڪومت ٺهي ۽ هڪ ارب وڻ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ته ان کان اڳ ۾ ڪڏهن ڪنهن حڪومت اهڙو منصوبو جوڙڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو .

وزيراعظم چيو ته اسان خيبرپختونخواه ۾ پنجن سالن ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا .

ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته ايندڙ 10 سال انتهائي اهم آهن جڏهن ته ماحولياتي نظام لاءِ گڏيل قومون قدم کڻي رهيون آهن.

مرڪزي تقريب سان ورچوئل خطاب ڪندي هن چيو ته بهتر مستبقل لاءِ اهڙن فيصلن جي ضرورت آهي جيڪي ماحول دوست هجن .

هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ماحولياتي تبديلي کي روڪڻ ڪنهن هڪ ماڻهو جو ڪم ناهي ، پر اهو مجموعي ڪوششن وسيلي ممڪن آهي

انتونيو گوتريس چيو  ته پائيدار ترقي لاءِ ٻيلن جو تحفظ ۽ سامونڊي حياتيات جي بقا نهايت ضروري آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔