پيپلز پارٽي ذاتي حملن جي بدران عوامي خدمت تي ڌيان ڏئي: فردوس عاشق

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي  اطلاعات بابت صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڏهاڪن کان سنڌ جي عوام مٿان مڙهيل پيپلز پارٽي ذاتي حملن جي بجاءِ عوامي خدمت تي ڌيان ڏئي.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته پنجاب سميت سموري ملڪ ۾ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي. وڏي وزير عثمان بزدار جي قيادت ۾ ڪيترائي منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ٿي چڪا آهن. جن مان پنجاب جي ڏوراهين علائقن جي عوام جي زندگي ۾ نمايان بهتري ايندي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ذاتي مفادن جي جنگ وڙهندڙ اپوزيشن حقيقي عوامي خدمت ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقي جي خبر ناهي ڇو خلاف آهي. پرچي شهزادي کي عوامي وڏي وزير عثمان بزدار تي تنقيد کان اڳ قائم علي شاهه ۽ هاڻ مراد علي شاهه جي شڪل ۾ سنڌ جي عوام کي ڏنل سوغاتن جي باري ۾ سوچڻ گهرجي. ڏهاڪن کان سنڌ جي عوام تي مڙهيل پيپلز پارٽي ذاتي حملن جي بجاءِ عوامي خدمت تي ڌيان ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔