نيب نواز ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق خلاف انڪوائري جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : نيب نواز ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق خلاف انڪوائري جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ 10 انڪوائريز جي منظوري، اڳوڻي ايم اين اي محمد امين چوڌري ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب خلاف به انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي، نيب پنجاب جي ايم پي اي سهيل ظفر ۽ محمد شير چيما خلاف جاچ بند ڪرڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي، اجلاس کي خطاب دوران نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته وڏين مُڇين ۽ وائيٽ ڪالر ڪرائيم خلاف ميگا ڪيسز کي منطقي انجام تي پهچايو ويندو، نيب ۽ ڪرپشن گڏ نٿا هلي سگهن، نيب جو ڪنهن سياسي شخصيت يا گروهه سان ڪوبه واسطو ناهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔