سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيلي کاتي جي زمينن جي الاٽمينٽ رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سکر : سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيلي کاتي جي زمينن جي الاٽمينٽ رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضن ۽ الاٽمينٽ بابت ڊي جي نيب سکر کان جاچ رپورٽ طلب، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضي واري ڪيس بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، قبضا خورن کي پاڻي فراهم ڪرڻ تي ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر ۽ ايس اِي جا گرفتاري وارنٽس جاري، حيسڪو چيف کي قبضي جي زمينن تي بجلي جا ڪنيڪشن ڪاٽڻ جو حڪم، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ايس ايس پي عدالت کي آگاهه ڪيو ته ٽندو الهيار جي وڏيري سرفراز نظاماڻي جي لوڪيشن اسلام آباد ۾ ملي رهي آهي، آءِ جي سنڌ ۽ آءِ جي اسلام آباد کي حڪم ڏنو آهي ته وڏيري کي گرفتار ڪري عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔