ڪورونا جي گهٽ شرح وارن ضلعن ۾ تعليمي ادارا 7 جون تي کوليا ويندا

اسلام آباد : قومي ايئر لائن پي آءِ اي جو خصوصي جهاز ڪورونا ويڪسين جي 10 لک خوراک کڻي پاڪستان پهچي ويو، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشنز سينٽر (اين سي او سي) جي موجب ملڪ ۾ جاري ماس ويڪسينيشن مهم ۾ سهولتون وڌائڻ سان گڏوگڏ ويڪسين جي بنا رڪاوٽ فراهمي جاري آهي، جون ۾ سائنوفارم ڪين سائنو ۽ سائنو ويڪ هفتن جي مجموعي طور تي 11 ملين خوراڪ پاڪستان کي مليون آهن، اين سي او سي جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي گهٽ شرح وارن ضلعن ۾ تمام تعليمي ادارا 7 جون تي کوليا ويندا. ڪجهه ڏينهن اڳ، اين سي او سي پاران اعلان ڪيو ويو هو ته جنهن ۾ علائقن ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ هوندي اتي تعليمي ادارا کوليا ويندا، واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ ٻن مهينن بعد فعال ڪيسز جو تعداد 50 هزار کان گهٽ آهي، جڏهن ته مثبت ڪيسز جي شرح به 4 سيڪڙو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔