سمورن شهرين کي ويڪسين لڳائڻ تائين ڪورونا پابنديون نه هٽايون وينديون:فيصل سلطان

اسلام آباد : ملڪ ۾ سمورن شهرين کي ويڪسين لڳائڻ تائين ڪورونا پابنديون نه هٽايون وينديون، صحت بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون فيصل سلطان چيو آهي ته ڪورونا سموري دُنيا ۾ صحت جي نظام کي متاثر ڪيو، ڪو هڪ ملڪ به ڪورونا وائرس جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ سموري دُنيا کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پي آءِ اي جو خصوصي جهاز چين مان ڪورونا ويڪسين سائينو فارم جا 10 لک ڊوز کڻي پاڪستان پهچي ويو، اين سي او سي جو چوڻ آهي ته ويڪسين سائينو فارم جا ڊوز صوبن ۾ ورهايا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔