واپارين پاران اڄ کان شام جو 6 بدران رات جو 8 وڳي تائين ڪاروبار کولڻ جو اعلان

ڪراچي : سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سخت پابندين باوجود ڪورونا مثبت ڪيسز جي شرح 11 سيڪڙو ٿي وئي، شهر جي واپارين سنڌ سرڪار جا حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اڄ کان شام جو 6 بدران رات جو 8 وڳي تائين ڪاروبار کولڻ جو اعلان، ڪراچي جي واپارين چيو آهي ته حڪومت طرفان ڪارروائيون ڪيون ويون ته واپاري رستن تي نڪري ايندا، پنجاب ۾ تعليمي ادارن بعد مزارون به کُلي ويون، ڪي پي سرڪار طرفان ڪورونا جي وڌيڪ شرح وارن ضلعن ۾ به سومر کان تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔