پي آءِ اي جو خصوصي جهاز 10 لک سائنو فارم ويڪسين کڻي پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد:  پي آءِ اي جو خصوصي جهاز 10 لک سائنو فارم ويڪسين کڻي پاڪستان پهچي ويو.

رپورٽ موجب نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) موجب  هلندڙ مهيني جون ۾ ڪين سائنو، سائنو ويڪ ۽ سائنو فارم ويڪسين جون هڪ ڪروڙ 10 لک خوراڪون پاڪستان کي ملنديون.

اين سي او سي شهرين کي ڪورونا جي وڌيڪ پکيڙ کان بچڻ جي لاءِ ويڪسينيشن ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪورونا جي گهٽ ڪيسن وارن ضلعن ۾ تعليمي ادارا 7 جون کان کوليا ويندا.

واضح رهي ته اين سي او سي هلندڙ سال جي اختتام تائين 7 ڪروڙ ماڻهن جي ڪورونا ويڪسينيشن جي مهم مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔