پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو

ڪراچي: پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ماحوليات جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، جنهن جو مقصد عوام ۾ ماحول جي بهتري ۽ گدلاڻ جي خاتمي بابت شعور ۽ آگاهي ڏيڻ آهي .

5 جون تي گڏيل قومن جي اهتمام سان 1974 کان هر سال هي ڏهاڙو ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي عزم سان ملهايو ويندو آهي .

پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان واڪ، ريليون ، سيمينار ۽ ٻيون تقريبون ٿي رهيون آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا کي هن وقت ماحولياتي گدلاڻ جو چيلينج آهي ۽ ان ۾ ڏينهون ڏينهن خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيندو رهي ٿو.

خوراڪ ۽ زراعت جي جائزن موجب  پاڪستان ۾ 3 ڪروڙ 85 لک ماڻهو غذائي کوٽ جو شڪار آهن .

ماهرن موجب سڄي دنيا هن وقت ماحولياتي گدلاڻ کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ان ۾ خطرناڪ واڌ ٿيندي رهي ٿي جنهن سان ماڻهن ۾ ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن.

خوراڪ جي وسيع پيماني تي ضايع ٿيڻ جي ڪري هڪ پاسي سڄي دنيا ۾ موجود قدرتي وسيلن يعني پاڻي، توانائي ۽ زمين تي سخت اثر ٿي رهيا آهن ته ٻئي پاسي محنت ۽ سيڙپڪاري جي ضايع جا ۽ گرين هائوس گيسن جي غير ضروري اخراج ڪري گلوبل وارمنگ ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سان خوراڪ جي طلب پوري نه ٿيڻ ۽ وڌندڙ مهانگائي سان خاص ڪري غريب ملڪن جي عوام جي ڏکيائين ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي .

هڪ اندازي موجب ترقي يافتا ملڪن سان تعلق رکندڙ عوام هر سال لڳ ڀڳ 22 ڪروڙ 20 ٽن خوراڪ ضايع ڪري رهيو آهي .

سڄي دنيا ۾ ملٽي نيشنل غذائي ڪمپنيون پنهنجي تيار ٿيندڙ فالتو خوراڪ وڏي مقدار ۾ سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏينديون آهن  جنهن کي استعمال ۾ آڻي دنيا ۾ خوراڪ جي گهٽتائي کي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.

اها هڪ افسوس جوڳي حقيقت آهي ته هڪ پاسي دنيا جي غريب ۽ پوئتي پيل ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهو خوراڪ جي سخت کوٽ جو شڪار آهن ته ٻئي پاسي آمريڪا ۾ مجموعي خوراڪ جو 30 سيڪڙو ضايع ڪيو ويندو آهي جنهن جي قيمت جو اندازو اٽڪل 48 ارب 30 ڪروڙ ڊالر لڳايو ويو آهي .

گڏيل قومن جي جائزي موجب ڪيترن ئي ملڪن جو عوام پنهنجي آمدني جو ٽي ڀاڱي چار حصو خوراڪ تي خرچ ڪري ڇڏين ٿا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔